ڌُوپ 3

ڌُوپ3: ڌوپ، هڪ قسم جو وکر آهي، جيڪو فقير پاڻ سان کڻندا آهن. اُهي ٽن يا چئن وٽين ۾ ٽانڊا دکائي رکندا آهن ۽ چوٿين يا پنجين وٽيءَ ۾ ڌوپ رکندا آهن، جنهن مان چپٽي ڀري ٽانڊن تي ٻرڪيندا رهندا آهن. اهڙيءَ ريت ڌوپ جي سڙڻ سان پيدا ٿيندڙ دونهون خوشبودار ٿيندو آهي. سنڌ توڙي برصغير ۾ اڪثر پيرن فقيرن جي درگاهن تي ڌوپ جو واس ٻاريو ويندو آهي ۽ اها درگاهن جي هڪ عام رسم ٿي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو